ٺٽو (ن س)ٺٽو ويجهو چليا وٽ ڪراچي واسين سان خوفناڪ حادثي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا،ڪيترائي زخمي، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام فاروق سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تيز رفتار ٽرڪ جو سوزوڪي سان ٽڪر ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو،حادثي ۾ 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ ڏانهن روانيون،فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، ڪراچي جَي علائقي قائدآباد واسي ڪينجهر ويندي حادثي جو شڪار ٿيا،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن جي گهرڀاتين سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي سنڌ جي وڏي وزير ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو وڃي سنڌ جي وڏي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن کي هر صورت ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو وڃي،سنڌ جي وڏي وزير جي ٺٽي جي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي










