يو اي اي ۾ پي آءِ اي جون اڏامون معمول موجب جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده عرب امارات ۾ موسم جي بهتري تي پي آءِ اي جون اڏامون معمول مطابق ڪم ڪري رهيون آهن.پي آءِ اي ترجمان موجب قومي ايئرلائن جون اڏامون معمول موجب ڪم ڪري رهيون آهن، منسوخ ٿيل اڏامن جي مسافرن کي ترجيحي بنيادن تي ايندڙ اڏامن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.ترجمان چيو ته مسافرن جي سهولت لاءِ وڌيڪ اڏامون رٿيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو