اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا ناپاڪ عزائم رکي ٿو، ان کي اهو خيال آهي ته ان سان والاريل ڪشمير جي عوام جو حق خوداراديت ختم ٿي ويندو.اسلام آباد ۾ ڪشميرين جي استحصال واري ڏهاڙي جي ريلي کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت اڄ کان 5 سال اڳ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو غير آئيني آهي، ڀارت جو اهو قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي چارٽر جي خلاف آهي، ڀارت جو جيڪو قدم آئين ۾ ترميم ڪيو ويو آهي اهو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.سندس چوڻ هو ته ڀارت کي خام خيالي آهي ته هو والاريل ڪشمير جي عوام جو حق خوداراديت ختم ڪري ڇڏيندو، والاريل ڪشمير بابت ڀارت جو فيصلو دنيا کي قبول ناهي، شهباز شريف جي حڪومت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهي آهي. دنيا، جمهوريت جو چيمپئن، جيڪڏهن ممڪن هجي ته عالمي تنظيمن کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏيو.اسحاق ڊار چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا ناپاڪ عزائم آهن، ڪشميرين سان پاڪستان جو لاڳاپو علائقائي ۽ مذهبي آهي، ڪشمير پاڪستان جي شريان آهي ۽ هڪ ڏينهن ضرور پاڪستان ۾ شامل ٿيندو.نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته او آءِ سي اسلامو فوبيا تي نمائندو مقرر ڪيو آهي، اسان به غزه جي عوام جي حق ۾ آواز اٿاريو.
والاريل ڪشمير ۾ ڀارت عوام کان احتجاج جو حق کسي ورتو: ملڪ
حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ عوام کان احتجاج جو حق کسي ورتو آهي. ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کان زمينون کسي ورتيون ۽ غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهي ڇڏيون.هن چيو ته ڀارتي ڪاررواين سبب والاريل ڪشمير ۾ چيمبر آف ڪامرس کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.مشعال ملڪ جو چوڻ آهي ته ڀارت جي 10 لک فوج والاريل ڪشمير جي بيگناهه عوام سان جنگ وڙهي رهي آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته دنيا ڪيترو به نظر انداز ڪري، ڪشمير مسئلو خطي جو فليش پوائنٽ آهي.
رياستي دهشتگردي حقيقت کي تبديل نٿي ڪري سگهي، گورنر سنڌ
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري هڪ طرفو قدم کنيو، ڀارتي رياستي دهشتگردي حقيقت کي تبديل نٿي ڪري سگهي، عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.ڪشميرين جي استحصال واري ڏينهن تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪامران ٽيسوري چيو ته هي هڪ غصب ۽ حقن کان انڪار غير قانوني عمل آهي ڪامران ٽيسوري چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميري ڀائرن جي هر سطح تي سفارتي ۽ سياسي مدد جاري رکندو.