اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو، الله ڪري ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ختم ٿيڻ واري ڳالهه صحيح هجي، حمزه شهباز جي آزادي ڪنهن ڊيل جو نتيجو ناهي، نظام جي ناڪامي آهي جو احتساب جي نالي تي انتقام جاري آهي، هن ۽ احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي صفن ۾ سوديبازي ۽ پئسن جي برسات آهي، 2021ع اليڪشن تبديلي ۽ عمران نيازي مان نجات جو سال هوندو.










