وڌيڪ دير برداشت نه ٿيندي، بي آر ٽي منصوبو جلد مڪمل ڪريو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائن بي آر ٽي اهميت رکي ٿو، چاهيون ٿا ته عوام جلد ان مان فائدو وٺي سگهي، مهانگائي ۽ ٻين ايشوز جي ڪري عوام جي فائدي وارو منصوبو اڳ ئي دير جو شڪار آهي، وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون، سمورا معاملا فوري طور تي حل ڪيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٽرانس ڪراچي جي عملدارن، عالمي ڪنسلٽنٽس ۽ ڪانٽريڪٽرز ريڊ لائن منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيئر وزير چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ صدر آصف علي زرداري خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ ڌيان ڏئي رهيو آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه چاهين ٿا ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم جلد مڪمل ٿئي. هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهي، سنڌ حڪومت ان جي مڪمل ٿيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي. سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت ۾ ايڏي وڏي عوامي منصوبي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، نگران حڪومت جي عدم دلچسپي سبب ريد لائن منصوبو ڪيترائي مهينا بند رهيو. سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم 18 مهينن ۾ مڪمل ٿي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو