ويڊيو تي ماڻهون فارغ ڪبا ته اسمبلي خالي ٿي ويندي،ڪميشن

ويڊيو تي ماڻهون فارغ ڪبا ته اسمبلي خالي ٿي ويندي،ڪميشن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ واري وڊيو اسڪينڊل تي ٻڌڻي دوران نواز ليگ اڳواڻ پيش ٿيا، اليڪشن ڪميشن جي بئنچ جي سربراهه الطاف ابراهيم قريشي درخواست گذار ليگي اڳواڻن کي چيو ته جِن ايم پي ايز پئسا وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، درخواست ۾ کين ڌُر بڻايو، ڪميشن کي ڪيئن خبر پئي ته وڊيو اسڪينڊل ۾ ڪير ملوث آهي، رڳو وڊيو تي ماڻهن کي فارغ ڪنداسين ته اسيمبلي خالي ٿي ويندي. ياد رهي ته ويڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٽحريڪ انصاف ساڳئي لا فرم جا وڪيل هائر ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو