ويم ۽ ماءُ جي ممتا جي موڪل جي بل جي توثيق،زال مڙس کي موڪل ملندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويم ۽ ماءُجي ممتا جي موڪل جي بل 2023 جي توثيق ڪري ڇڏي بل تحت وفاقي حڪومت جي ادارن جون ملازم عورتون سروس ۾ 3 ڀيرا مڪمل پگهار سان ويم لاءِ موڪل وٺي سگهنديون اڱاري تي ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق ملازم عورتون پهريون ڀيرو 180 ڏينهن ٻيو ڀيرو 120 ڏينهن ۽ ٽيون ڀيرو 90 ڏينهن جي ويم جي موڪل وٺي سگهنديون مرد ملازم پوري سروس دوران 3 ڀيرا صرف 30 ڏينهن جي موڪل وٺي سگهندا. قانون وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن تي لاڳو ٿيندو ڀڃڪڙِ جي صورت ۾ 6 مهينن تائين جيل يا هڪ لک رپين تائين ڏنڊ يا ٻيون سزائون ڏنيون وينديون صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو