وياجي پاران نوجوان ناري اغوا، وارثن پاران زيادتي جو الزام

خيرپور(ن سنڌيار)ڳوٺ وريو ڦلپوٽو ۾ وياجين پاران پورهيت جي 12 سالا نياڻي نبيلا ڦلپوٽو کي وياج جي پئسن ۾ کنڀي زبردستي پرڻو ڪرڻ ۽ ڪمري ۾ بند ڪري هڪ هفتي تائين جنسي زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار الطاف ڦلپوٽو هٿيارن جي زور تي نبيلا کي اغوا ڪري ويو ۽ ساڻس پرڻو ڪري زبردستي هڪ هفتي تائين جنسي زيادتي ڪندو رهيو، وارثن موجب نبيلا وجهه وٺي والد سبحان ڦلپوٽو جي گهر پهتي ته اتي به جوابدار الطاف ڦلپوٽو 25 کان وڌيڪ هٿياربند ساڻ ڪري ٻيهر کيس اغوا ڪرڻ پهتو ۽ ناري جي ماءُ مسمات امينا، ڏاڏي غلان، سيما، آصف ۽ قاسم کي مزاحمت تي زخمي ڪري ڇڏي. متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته الطاف ڦلپوٽو کان ٽي مهينا اڳ 20 هزار رپيا وياج تي ورتا هئا جيڪي وياج سميت واپس ڪري ڇڏيا پر الطاف ڦلپوٽو ڏيڍ لک رپيا گهري رهيو آهي، انڪار تي نبيلا کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو. نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته احمدپور پوليس به جوابدارن جي ونگار وهي رهي آهي، وياج خور خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو