اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي سرڪاري گهرن تي غيرقانوني قبضو ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ غيرقانوني الاٽمينٽ رد ڪري ميرٽ تي سرڪاري گهر ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت سنڌ حڪومت کان عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اسلام آباد ۽ سنڌ ۾ سرڪاري گهرن تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اي جي سنڌ اعتراف ڪيو ته سنڌ جي 229 سرڪاري گهرن تي غيرقانوني طور قبضو آهي، ڪورونا جي صورتحال سبب گهر خالي ڪرائڻ وارو عمل روڪيو ويو هو. عدالت ۾ سي ڊي اي جي وڪيل آءِ جي اسلام آباد جو گهر به غيرقانوني طور الاٽ ٿيڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس سندن 200 ڪوارٽرز تي قبضو ڪيو آهي، ڳالهيون ٿيون پر پوليس قبضو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اسلام آباد پوليس جي مامري کي به ڏسنداسين. ياد رهي ته 2018 ۾ تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار هن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي. سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته ڪراچي ۾ 4118 سرڪاري ڪورٽرز تي قبضو آهي.
