ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي خط لکي گينگ وار جي ملزم وصي الله لاکو کي انٽرپول ذريعي گرفتار ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.سنڌ جي گهرو کاتي وفاقي وزارت داخلا کي سفارش ڪئي ته انٽرپول ذريعي جوابدارن لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪيو وڃي.ان حوالي سان، سنڌ جي گهرو کاتي درخواست ڪئي آهي ته انٽرپول ذريعي ملزم وصي الله جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو وڃي.سنڌ جي گهرو کاتي چيو آهي ته گينگ وار جي ملزم وصي الله جي گرفتاري جو وارنٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گينگ وار جو ملزم وصي الله لاکو ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل آهي.










