وزيراعظم 23 کان 25 مئي تائين چين جو اهم دورو ڪندو

وزيراعظم 23 کان 25 مئي تائين چين جو اهم دورو ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 25 مئي تائين چين جو دورو ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف چين جي دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ڪندو.ان دوري دوران شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. شهباز شريف جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان پڻ آهي. ان کانسواءِ چين جي دوري ۾ سي پيڪ، واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻطرفي سهڪار تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو