اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن لاءِ مراعات جو وڏو پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان حوالي سان تعليم واري صوبائي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري وزارت جي چيئرمين ايڇ اي سي ۽ مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پيڪيج جي تياري تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن جي فيس معاف ڪرڻ ۽ انڊر گريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ شاگردن کي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. متاثر علائقن جي شاگردن جي تعليمي مستقبل کي بچائڻ لاءِ وزيراعظم پيڪيج تيار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن ۽ ان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ تعليم واري وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن گڏجي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف تعليمي ادارن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، ان مهم کان علاوه متاثر علائقن ۾ کاڌو، خيما، ميڊيڪل ڪيمپس ۽ عارضي اسڪول پڻ قائم ڪيا ويندا.










