وزيراعظم شهباز شريف جو يو اي اي صدر سان فون تي رابطو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايدالنهيان کي ٽيليفون ڪيو جنهن ۾ هن هڪ ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرائڻ تي سندس ٿورو ادا ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر سان فون تي ڳالهيون ڪندي چيو ته متحده عرب امارات مشڪل وقت ۾ تڪڙي مدد ڪئي. يو اي اي جي مدد سان آءِ ايم ايف جو اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ طئي ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملي. پاڪستان جي عوام ۽ سياسي قيادت يو اي اي جي انهي خير سگالي واري قدم جو ٿورو ادا ڪري ٿي.وزيراعظم شيخ محمد بن زايد کي چيو ته اوهان ذاتي دلچسپي وٺي پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي. ان جو ٿورو ادا ڪرڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ به نه آهن. شهباز شريف چيو ته اسان جي حڪومت تمام گهڻيون اصلاحاتون ڪيون آهن. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلينيشن ڪائونسل جي جوڙجڪ جو مقصد هول آف دي گورنمنٽ اپروچ آهي. وزيراعظم سان ڳالهيون ڪندي يو اي اي صدر چيو ته يو اي اي ۽ پاڪستان ۾ ويجها دوستانه ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان جي مدد ڪرڻ اسان جي ملڪ جي ذميواري هئي. وزيراعظم شهباز شريف بهترين صلاحيتن جو مالڪ آهي. مون کي ڀروسو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ هڪ وڏي تبديلي آڻيندو.شيخ محمد بن زايد وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي لاءِ سرمائيڪاري ۽ روڊ ميپ جي باري ۾ ٻڌي خوشي ٿي پر اعتماد آهيان ته پاڪستان معاشي طور تي ذڪر جوڳي ترقي ڪندو. پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو