وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان چين جو دورو ڪندو

وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان چين جو دورو ڪندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان 26 مئي تائين چين جو دورو ڪندو، وزيراعظم جي چين جي دوري جو بنيادي مرڪز ٻطرفا لاڳاپا، سياسي رابطا ۽ معاشي سهڪار آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم جي چين جي دوري دوران وچ اوڀر جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه متوقع آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته تڪرار جي حل لاءِ چين پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو