وزيراعظم جي محمد بن زيد النهيان سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت

وزيراعظم جي محمد بن زيد النهيان سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم اماراتي صدر محمد بن زيد النهيان سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد وطن واپس پهتو.سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي مختصر دوري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي.مريم اورنگزيب موجب وزيراعظم يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان صدارتي محل ۾ ملاقات ڪئي ۽ يو اي اي جي صدر سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.سڌ سماءَ واري وزير موجب وزيراعظم حڪومت ۽ عوام جي طرفان شاهي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي وزيراعظم يو اي اي جي صدر سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. واضح رهي ته وزيراعظم يو اي اي جي صدر سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ اڄ شام ابوظهبي روانو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو