وزيراعظم جو ترين کي فون،ڀاءُ جي وفات تي تعزيت جو اظهار

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف استحڪام پاڪستان پارٽي جي سرپرست اعليٰ جهانگير ترين سان فون تي رابطو ڪيو آهي.تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين سان فون تي سندس ڀاءُ عالمگير ترين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف مرحوم جي لاءِ دعاءِ مغرفت گهري ۽ پوئينرن لاءِ صبر وجميل جي به دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز به جهانگير ترين سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.ياد رهي ته 6 جولاءِ تي جهانگير ترين جي ڀاءُ ۽ پي ايس ايل فرنچائز جي مالڪ عالمگير ترين مبينه طور پستول سان پنهنجي مٿي ۾ گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو