وزيراعظم، يو اَي اِي جي ڪامياب دوري بعد ڪويت پهچي ويو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل عرب امارات جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڄ اڱاري تي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪويت روانو پهچي ويو آهي. ريڊيو پاڪستان موجب وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد شيخ مشعل الجابر الصباح ۽ ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد نواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سندس دوري دوران، افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات جي ڳولا، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ مفاهمت جي مختلف ياداشتن (ايم او يو) تي پڻ صحيحون ڪندو. ياد رهي ته 2023 پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي. ان کان اڳ اڱاري تي وزيراعظم ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ هڪ قومي هيروز جي يادگار جو دورو ڪيو ۽ يو اي اي جي قومي هيروز پاران ڏنل قربانين تي کين خراج تحسين پيش ڪيو.


وزيراعظم آفيس (پي ايم او) چيو ته وزيراعظم جو استقبال صدارتي ڪورٽ ۾ ترقي ۽ شهيدن جي خاندانن جي معاملن واري آفيس جي چيئرمين شيخ طيب بن محمد بن زيد النهيان ڪيو. ”وزيراعظم گارڊ آف آنر جي شاندار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾، هن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي، ” وزيراعظم آفيس موجب دوري جي پڄاڻي تي وزيراعظم ڪاڪڙ يو اي اي جي بهادر شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي يادگار جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجو تبصرو به قلمبند ڪيو. بعد ۾ زيراعظم ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرانڊ مسجد جو دورو پڻ ڪيو. “دوري دوران، وزيراعظم کي مسجد جي عظيم پيغام جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي جيڪو ملڪ جي باني مرحوم جي شاندار ورثي کان متاثر، ٻين ثقافتن لاء گڏيل بقا، رواداري، ۽ آزاديء جي تصور کي اجاگر ڪري ٿو،” ياد رهي ته پاڪستان ۽ يو اي اي سومر تي سيڙپڪاري تعاون جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون جيڪي وچ اوڀر جي رياستن مان ”ملٽي بلين ڊالرز“ جي فنڊنگ کي فراهم ڪندا. ايم او يوز تي صحيحن کانپوءِ وزيراعظم ڪاڪڙ ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻه طرفي اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ۽ آرمي چيف توانائي، پورٽ آپريشنز، گندي پاڻي کي قابل استعمال بنائڻ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪ، معدنيات ۽ بينڪنگ ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون بابت مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم ايم او يوز تي صحيحن کي هڪ تاريخي واقعو قرار ڏنو جيڪو پاڪ-يو اي اي اقتصادي ڀائيواري جي نئين دور جو آغاز ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو