واڌو فيس سنڌي شاگردن جي تعليم جي روڪ برابر آهي

حيدر آباد (ن س )سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، مرڪزي نائب صدر امجد سرگاڻي، جميل ملاح ۽ نويد ڪلھوڙي پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ھر آئي ڏينھن فيسن ۾ واڌ وسيلي غريب شاگردن جي تعليم جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا تعليمي بورڊ پئسن تي گريڊ وڪرو ڪرڻ سان سنڌ حڪومت جي تعليمي ايمرجنسي جو اصلي چھرو وائکو ڪن ٿا. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليم تباھ ڪرڻ لاءِ ھڪ منظم سازش وسيلي سنڌ جون سموريون يونيورسٽيون نااھل ۽ ڪرپٽ ماڻھن حوالي ڪيون ويون آھن. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور بابت ھيڪ اسلام آباد طرفان پوسٽ گريجوئيٽ جي تعليمي معيار بابت رپورٽ ڳڻتي جوڳي آھي. رپورٽ مان واضح ٿئي ٿو ته ادارن اندر سياسي سفارش وسيلي ڀرتيون ڪيون ويون آھن. اڳواڻن چيو ته ھيڪ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سال 2017ع کان مختلف شعبن مان جاري ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون جعلي ۽ غيرتصديق شدہ آھن. ڇا يونيورسٽي انتظاميا انھن شاگردن جو ضايع ڪيل وقت واپس ڪري سگھي ٿي؟ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ ملوث ذميوارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته اعليٰ سطح جي عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي لطيف يونيورسٽي مان ڪرپٽ ماڻھن جو صفايو ڪري نوڪريون ختم ڪيون وڃن ۽ شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو