واٽس ايپ سروس ڪجهه دير متاثر ٿيڻ کانپوءِ بحال

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سماجي رابطن واري ويب سائيٽ واٽس اپ جي سروس دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪجهه عرصي تائين معطل رهڻ بعد بحال ڪئي وئي آهي. پاڪستان، برطانيا، آمريڪا ۽ ڪينيڊا سميت مختلف ملڪن ۾ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين واٽس اپ سروس متاثر رهي.واٽس ايپ سروس متاثر ٿيڻ جو مسئلو فوري طور تي ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو.واٽس اپ طرفان سروس جي معطلي جي معاملي تي فوري طور تي ڪو به سبب نه ڏنو ويو.واضح رهي ته هن وقت 2 ارب 70 ڪروڙ ماڻهو واٽس ايپ استعمال ڪندڙ آهن.واٽس ايپ ميسينجر 2009 ۾ ٺهرايو ويو ۽ بعد ۾ فيسبوڪ تي وڪرو ڪيو ويو.2020 تائين، ايپ کي سڄي دنيا ۾ 2 بلين کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو