واٽس ايپ جو 1 ڏينهن تي 100 ارب پيغام موڪلڻ جو رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته نئين سال جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ مقبول ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ تي ماڻهن ڪيترائي پيغام موڪليا هوندا. حقيقت اها آهي ته ان موقعي تي ايپ جي 10 سالا تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ پيغام هڪ ڏينهن ۾ موڪليا ويا جنهن جي انگ اکرن جو جواب ڏيڻ آسان ناهي ڇاڪاڻ ته ڪير ٿو سوچي سگهي ته واٽس ايپ تي نئين سال جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ 100 ارب کان وڌيڪ پيغام موڪليا ويندا. سڀ کان وڌيڪ پيغام ڀارت ۾ 20 ارب کان وڌيڪ موڪليا ويا جڏهن ته 100 ارب ۾ 12 ارب پيغامن ۾ تصويرن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهڙا انگ اکر واٽس ايپ جاري ڪندي ٻڌايو ته ايپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايترا پيغام هڪ ڏينهن ۾ صارفين طرفان موڪليا ويا. بيان مطابق واٽس ايپ ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو آهي ته صرف توهان ۽ رابطي ۾ رهندڙ ماڻهو ئي پيغام کي پڙهي سگهي ٿو ۽ ٻيو ڪير نه ايتري تائين جو واٽس ايپ به نه. پر اهو اندازو لڳائڻ صحيح لڳي ٿو ته 31 ڊسمبر تي ايتري وڏي تعداد ۾ موڪليل پيغام نئين سال جي مبارڪبار جي حوالي سان ئي هوندا.  ڪمپني اهو به ٻڌايو ته 2019 ۾ واٽس ايپ جي 5 مقبول ترين فيچرن ۾ ٽيڪسٽ، پيغام، اسٽيٽس ايپ ڊيٽ، فوٽو ميسجز، ڪالنگ ۽ وائس نوٽ شامل هيا. خيال رهي ته سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ صارفين جي تعداد ڏيڍ ارب کان وڌيڪ آهي ۽ 2018 ۾ فيس بڪ ڊولپر ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روزانو صارفين ان ايپليڪيشن تي 65 ارب پيغام موڪلين ٿا جڏهن ته 2 ارب منٽ جي وائيس ۽ ويڊيو ڪال ڪندا آهن. واٽس ايپ کي 2014 تي فيس بڪ خريد ڪيو هو ۽ امڪان آهي ته 2020 کان هن ايپليڪيشن ۾ صارفين کي اشتهار ڏيکارڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو