واٽر ڪارپوريشن جي ميڊيڪل نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (پ ر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي ملازمن جي ڀلائي جي حوالي سان هڪ ٻيو اهم قدم کڻندي واٽر ڪارپوريشن جي ميڊيڪل نظام کي پهرين جولاءِ 2024 کان ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو، واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن موجب ميڊيڪل ڊجيٽائيزيشن نظام تحت سمورن حاضر ۽ ريٽائرڊ ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ان حوالي سان طبي کاتي جي عملدارن جو وڌيڪ چوڻ تہ ميڊيڪل ڊجيٽلائيز نظام تحت ملازمن کي ڊيجيٽل ميڊيڪل ڪارڊ ذريعي آغا خان اسپتال، لياقت نيشنل اسپتال ۽ ضياءُ الدين اسپتال سميت شهر جي 15 مختلف سٺين اسپتالن، ليبارٽرين ۽ اسٽورن ۾ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو تہ ڊائو اسپتال ۽ ليبارٽري ڪجھ مسئلن جي ڪري عارضي طور تي بند آهي ۽ ان حوالي سان ڊائو انتظاميا سان ڳالهيون جاري آهن، انشاءَ الله ايندڙ هفتي تائين ڊائو اسپتال ۽ ليبارٽري جون خدمتون مڪمل طور تي بحال ٿي وينديون، هن ٻڌايو تہ پيٽيل اسپتال ۽ عيسيٰ ليبارٽري اڄ کان واٽر ڪارپوريشن جي پينل تي پنهنجون خدمتون شروع ڪري رهيون آهن جڏهن تہ سيفي اسپتال ٻن ڏينهن ۾ پنهنجي سروس شروع ڪندي، ان کان علاوه آئوٽ اسٽيشن جي ملازمن لاءِ الخدمت اسپتال جون 5 مختلف برانچون بہ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ واٽر ڪارپوريشن پينل تي پنهنجون خدمتون شروع ڪنديون، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جي حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ ملازمن جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ سميت انهن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ۽ ان حوالي سان انتظاميا پاران ملازمن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو