هڪ هفتي دوران 23 ضروري شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شماريات واري بيورو مهانگائي بابت پنهنجي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب هڪ هفتي دوران 23 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران ٽماٽو 24 رپيا 53 پئسا في ڪلو، برائلر مرغي 5 رپيا 49 پئسا في ڪلو ۽ ڪيلا 9 رپيا 40 پيسا في درجن مهانگو ٿي ويو.اهڙي طرح کنڊ، گوشت، گوشت، دلي، دال مونگ ۽ دال مسور جا اگهه به وڌي ويا جڏهن ته چانهه، لوسن، دال چنا، دال ماش ۽ کير جا اگهه به وڌي ويا.هلندڙ هفتي پياز 29 رپيا 17 پئسا في ڪلو، انڊا 31 رپيا 32 پئسا في درجن ۽ ايل پي جي سلنڈر 58 رپيا 96 پئسا في ڪلو سستو ٿي ويو.اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ به 10 رپيا 6 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.مجموعي طور 8 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته 20 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو