هڪ قومي نظريو..! رميش ڪمار

انساني تاريخ تي نظر رکڻ ۽ عالمي اشوز تي قلم کڻڻ منهنجي پسنديده وندر آهي، جڏهن به مون کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو موقعو ملندو آهي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڪا خبر منهنجي نظر مان گذرندي آهي، آئون سوچ ۾ پئجي ويندو آهيان ته آخر دنيا جي ٻين ملڪن وانگر اسان ترقي جي ڊوڙ ۾ ڇو شامل نٿا ٿيون، پنهنجي هفتيوار ڪالم لکڻ جي لاءِ گهڻا ئي عالمي موضوع منهنجي ذهن ۾ آيا پر مون پاڪستانيت تي لکڻ کي اهميت ڏني. وطن سان محبت جي تلقين دنيا جي هر مذهب ڪئي آهي، الله جي آخري پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته ”حب الوطن من الايمان“ يعني ”وطن سان محبت ايمان جو حصو آهي.“

هندو ڌرم ۾ ڌرتي ماءُ کي سڀ کان وڌيڪ مقدس مڃيو ويندو آهي، رامائڻ ۾ جتي ڪٿي پنهنجي سرزمين سان عقيدت ۽ احترام جو اظهار ڪيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هڪ هندو جنهن ملڪ ۽ جنهن علائقي ۾ رهي ٿو، هو پنهنجي ڌرتي سان شدت سان محبت ڪري ٿو ۽ ان جي آن ۽ مان جي لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ کان به نٿو ڪيٻائي. قائداعظم جي قيادت ۾ تحريڪ پاڪستان اسان جي وڏن ٻه قومي نظريي جي بنياد تي انگريز سامراج کان آزادي حاصل ڪئي ته پاڪ سرزمين ۾ رهڻ وارن محب وطن هندو شهرين پاڪستان کي پنهنجي ڌرتي ماتا مڃي ورتو. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هندو ڪميونٽي جون بيشمار خدمتون آهن، پاڪستاني هندو جوان ملڪي دفاع ۽ سربلندي جي لاءِ به بهادر فوج پاڪستان سان گڏوگڏ قربانين جي داستان رقم ڪري رهيا آهن. قائداعظم اسان کي هن پياري وطن جو بي مثال تحفو ڏنو پر آخر اسان هن کي سنوارڻ ۾ ڇو ڪامياب نه ٿي رهيا آهيون؟ ان حوالي سان مون کي مختلف فورمن تي اخلاقيات ۽ پاڪستانيت جهڙن موضوعن تي پنهنجي خيالن جي اظهار جو موقعو ملندو رهي ٿو، مون کان هر تقريب ۾ سڀ کان وڌيڪ اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته اوهان اسان کي ته گهڻا ليڪچر ڏيندا آهيو پر ڇا اوهان پارليامينٽ جي ساٿي ميمبرن کي به اهڙيون نصحيتون ڪندا آهيو؟ منهنجي نظر ۾ پارليامينٽ هڪ مقدس ادارو آهي ۽ مون کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته آئون پنهنجي ساٿي پارليامينٽرينز سان به اخلاقيات جي حوالي سان ڳالهائيندو آهيان. آئون بحيثيت پاڪستاني هر هڪ سان پنهنجا خيال شيئر ڪندو آهيان ته اسان کي صوبائيت، لسانيت ۽ مذهبي وابستگي کان بالاتر ٿي پاڪستاني بڻجي ڳالهائڻ گهرجي، پر مون کي گهڻو افسوس ٿيندو آهي جڏهن پارليامينٽ جهڙي مقدس فورم تي هڪ طرف چورن ۽ ڦورن جا نعرا گونجندا آهن ته ٻئي طرف نالائق، نااهل ۽ سليڪٽيڊ جا طعنا ڏنا ويندا آهن. آئون دل و جان سان سمجهان ٿو ته عوام جي نمائندگي ڪندڙ ڪجهه ميمبرن جو اهو ناپسنديده رويو معاشري تي منفي اثر پيدا ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري جي چوڌاري جي صورتحال جو جائزو وٺون ته بدقسمتي سان هن وقت ڪجهه ڊاڪٽر مريضن جو علاج ڪرڻ بجاءِ هڙتال تي آهن، ڪجهه وڪيل قانون جا بادشاهه بڻجي وڪيل گردي ڪري رهيا آهن، شاگرد پنهنجو ڌيان تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ رستن تي مارچ ڪري رهيا آهن، هر پاسي افراتفري جو ماحول آهي جيڪو معاشري جي مختلف مڪتبِ فڪر جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌائي رهيو آهي. مذهب سماج جي سڃاڻپ هوندو آهي ته اُتي اعليٰ اخلاقي قدرن کي اپنائيندي مثبت سوچ سان گڏ تميز ۽ تهذيب جي دائري ۾ رهندي دليل سان ڳالهه ڪئي ويندي آهي. اسان جو مذهب ته ٻين انسانن جي عزت ڪرڻ سيکاري ٿو ته توهان پنهنجي وڏن سان احترام سان ڳالهايو، ننڍن سان شفقت سان پيش اچو، عورتن سان عزت جو رويو رکو، پوڙهن، محتاج، غريبن جو خاص خيال رکو. جيڪڏهن اسان اخلاقيات جي انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڏينداسين ۽ پنهنجي ساڳي رستي تي هلندا رهنداسين ته اسان جي معاشري ۾ منفي رجحان وڌندا ويندا. هينئر واري شاگردن جي مارچ مون کي پنهنجي ڪاليج واري زندگي جو اهو زمانو به ياد ڏياريو جڏهن اسان جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست جي نالي تي غنڊاگردي ٿيندي هئي ۽ تعليمي ادارن ۾ پڙهائي گهٽ ۽ جهيڙا فساد گهڻا ٿيندا هئا. بيشڪ شاگردن جو تحريڪ پاڪستان ۾ وڏو اهم ڪردار آهي پر قيام پاڪستان کانپوءِ قائداعظم شاگردن کي اها نصحيت ڪئي هئي ته سڀئي شاگرد پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ کي پنهنجي پهرين ترجيح ٺاهين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ تائين جيڪي ملڪ ترقي يافته ٿيا آهن ۽ جيترا ترقي جي طرف وڃي رهيا آهن، انهن سڀني ملڪن قوم ٺاهڻ کي خاص اهميت ڏني آهي، آئون سمجهان ٿو ته جهڙي طرح اسان جي بزرگن ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان حاصل ڪيو هو، اهڙي طرح اڄ پاڪستان کي ٺاهڻ جي لاءِ اسان کي هڪ قومي نظريي جي ضرورت آهي، جنهن جي اعتبار سان پاڪستان ۾ صرف هڪ قوم وسندي آهي ۽ اها آهي پاڪستاني قوم. رياست کي ان سان ڪو واسطو ناهي ته اوهان جي وابستگي ڪهڙي ٻولي سان گڏ آهي پر ملڪي ترقي ۾ اوهان سڀني کي گڏجي اڳيان وڌڻو آهي.

اڄ پاڪستان جي علائقائي صورتحال ڪشمير ۽ افغانستان تي خصوصي توجهه چاهي ٿي، ايران سان اسان جي سرحد دٻاءُ جو شڪار آهي، اسان جي معيشيت خطي جي سڀ کان ڪمزور معيشيت آهي، اهڙي نازڪ صورتحال ۾ پوري پاڪستاني قوم جي هر باشعور ماڻهو بشمول ڊاڪٽر، انجنيئر، سول سوسائٽي، ميڊيا سڀني کي گڏجي ملڪ کي اقتصادي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، شاگردن کي قائداعظم جي فرمان جي مطابق تعليم کي پنهنجي پهرين ترجيح ٺاهڻي پوندي، حڪومت ۽ مخالف ڌر سميت سڀني سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ الجهائڻ بجاءِ گڏ ويهي پاڪستان کي درپيش چيلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، آئون اُميد ڪريان ٿو ته منهنجي ان هڪ قومي نظريي جي پيغام کي مثبت سوچ سان گڏ سمجهو ويندو ۽ اسان سڀ گڏجي ترقي جي ڊوڙ ۾ ان عزم سان قدم اڳيان وڌائينداسين ته پاڪستان ۾ صرف هڪ قوم رهندي آهي، جيڪا صرف ۽ صرف پاڪستاني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو