اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيئر سياستدان مشاهد حسين سيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ آرمي چيف جي دور ۾ 5 وزيراعظم هئا، ان دور ۾ سياسي عدم استحڪام آيو، ملڪ ۾ 3 ماڊل آهن، هڪ 2018 جو ماڊل آهي جنهن ۾ سياسي انجنيئرنگ ٿي، ٻيو ماڊل ٿائلينڊ جو آهي، جنهن ۾ مشهور ليڊر کي نااهل قرار ڏنو ويو ۽ ٽئين ماڊل ۾ اردگان فوجي اسٽيبلشمينٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي. مشاهد حسين سيد چيو ته ضرورت جو نظريو سپريم ڪورٽ دفن ڪري ڇڏيو پر اهو سياست ۾ موجود آهي، ٽنهي سياسي پارٽين متفقه طور تي آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو، ٽنهي پارٽين متفقه طور تي آءِ ايم ايف معاهدي کي ناگزير قرار ڏنو ۽ ايف اي ٽي ايف جي قانون سازي اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن 14 پارٽيون 16 مهينا گڏ ويهي سگهن ٿيون ته پوءِ به سياسي پارٽيون گڏ ٿي سگهن ٿيون، پي ٽي آءِ آرمي اسڪول حملي کانپوءِ هن ڪانفرنس ۾ ويٺي هئي.مشاهد حسين جو اهو به چوڻ آهي ته ملڪ کي موجوده بحران مان ڪا به سياسي پارٽي، ڪو ادارو اڪيلو نه ٿو ڪڍي سگهي، اهو ڪم گڏجي ڪري ڪرڻو پوندو.










