هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو 3 لکن جا بانڊ ڦري فرار

سکر (جيرام داس) منزل گاهه واسي نوجوان عاطف پُٽ خورشيد احمد شيخ کان موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو 3 لک رُپين جا بانڊز ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻن موٽر سائيڪل تي سوار ڦورن مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڦورو فرار ٿي ويا. نوجوان کي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو.  واضح رهي ته نوجوان کان جنهن جاءِ تي ڦُر ٿي آهي اُهو مصروف ترين علائقو آهي اُن باوجود ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ڦر ڪري سولائيءَ سان فرار ٿي ويا. لاڳاپيل ٿاڻي تي اطلاع ملڻ باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو