هي ڏکيو وقت آهي، همت نه هارينداسين: سيده شهلا رضا

هي ڏکيو وقت آهي، همت نه هارينداسين: سيده شهلا رضا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته هي ڏکيو وقت ضرور آهي پر همت نه هارينداسين، ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا ڪتب آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي شرقي جي ڳوٺ اعظم ۽ ليمن گبول ۾ قائم امدادي ڪيمپن جو دورو ڪري ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان روزاني جي بنياد تي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري متاثرن کي گهربل سامان فراهم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته متاثرن کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ صحت کاتي جي ماتحت طبي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ متاثرن جو مفت طبي چيڪ اپ ڪيو ويندو آهي ۽ مفت دوائون ڏنيون وڃن ٿيون. ان موقعي تي سيده شهلا رضا برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ کاڌو ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ ورهايو. سيده شهلا رضا ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو