اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي نئين پارٽي ٺاهڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هو مسلم ليگ ن جي سياست مان مطمئن ناهي.هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي پي ڊي ايم جي اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه اوهان جي حڪومت ۾ رڪاوٽ هو ته حڪومت ڇڏي ڏيو ها، ان کاپوءِ به اوهان 8 کي 9 مهينا مليا ڪم ڪيو ها. هن چيو ته هو ن ليگ جي سياست مان مطمئن ناهي، رستو جو طئي ڪيو پوءِ چونڊن ۾ وڃو ٻئي صورت ۾ چونڊ ڏڦيڙ کانسواءِ ڪجهه نه ڏيندي، هو پارٽي جو عهديدار ناهي ۽ نه وري هو ڪنهن صلاح مشوري ۾ شامل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف وزير اعظم ٿيو ته هو پاڻ کي وزيراعظم ٿيندي نه ٿو ڏسي.شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ جي سياست گار گند واري آهي، 2013 کان 2018 تائين خرابين جو ڊگهو داستا آهي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته 2018 جي چونڊ چوري ٿي، هاڻي اسان کي ان مان سبق سکي اڳتي وڌڻو آهي، ماڻهو هاڻي ان کي مسئل نه ٿا سمجهن هاڻي خرابي جي جڙ اها آهي، اڄ نئين پارٽي جي ضرورت ۽ جڳهه به آهي.
