هن حڪومت جو خاتمو سنڌ مان شروع ٿيندو: عمران خان

هن حڪومت جو خاتمو سنڌ مان شروع ٿيندو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هن حڪومت جو خاتمو سنڌ مان ئي شروع ٿيندو.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي عمران خان چيو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن کان به محروم رکيو ويو آهي پر هاڻ آصف زرداري مافيا خلاف صوبي جو عوام بيدار ٿي چڪو آهي، مان سنڌ جي عوام وٽ ويندس، پيپلز پارٽيءَ جي عوام کي ساٿ ڏينداسين. صوبي وارا وڏي انگ ۾ اسان سان گڏ نڪرندا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪري زمينون تباهه ڪيون پيون وڃن، صوبي ۾ ننڍا هاري تباهه ٿي ويا آهن پر آصف زرداري جون شگر ملون ۽ زمينون وڌي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هن حڪومت جو خاتمو سنڌ مان ئي شروع ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو