هنگو (ويب ڊيسڪ)هنگو ۾ جمعي جي نماز دوران پوليس اسٽيشن ۽ مسجد تي آپگهاتي حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ڊي پي او هنگو نثار احمد ان حوالي سان ٻڌايو ته دوآبا پوليس اسٽيشن تي 2 آپگهاتي حملا ٿيا، هڪ آپگهاتي ڌماڪو پوليس اسٽيشن جي دروازي تي ٿيو جڏهن ته ٻيو آپگهاتي ڌماڪو پوليس اسٽيشن اندر مسجد ۾ ٿيو.پوليس موجب ڌماڪي سبب مسجد جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان هنگو ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.نگران وڏي وزير امدادي ادارن ۽ ضلعي انتظاميا کي امدادي ڪم جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هنگو جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي.ٻئي طرف بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ الفلاح روڊ تي مسجد جي ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 زخمي ٿي پيا.
