هندو ڀائر آزاد آهن، هولي تي ڪو اعتراض نٿو ڪري سگهجي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم بابت وفاقي وزير راڻا تنوير چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان يونيورسٽين ۾ هولي تقريبن خلاف نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي ۽ ڪميشن کي اڳتي اهڙن قدمن کان روڪيو ويو اهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته ايڇ اي سي طرفان هولي جي تهوار تي هڪ خط جو ذڪر آهي ۽ سوشل ميڊيا تي هولي تقريبن جي آڙ ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون سامهون آيون، جن جي اسان جو معاشرو اجازت نٿو ڏئي.هن چيو ته قائداعظم جي فرمان موجب هر مذهب جا پيروڪار هتي آزاد آهن ۽ اهي پنهنجون مذهبي تقريبون آزادي سان ملهائي سگهن ٿا. سندس موجب مون کي رات 10 وڳي ان معاملي جو علم ٿيو ۽ مان چيو ته اهو خط واپس ورتو وڃي، صبح سان مون کي ٻڌايو ويو ته خط واپس ورتو ويو آهي، مان ان معاملي جو انتهائي سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ هولي تي ڪو اعتراض نٿو ڪري سگهي. راڻا تنوير چيو ته ڀارت ۾ ان حوالي سان واويلا حقيقت جي ابتڙ آهي، اتي ته مسلمانن کي عيد جي نماز به پڙهڻ ناهي ڏني ويندي، جڏهن ته هتي غير مسلم مڪمل طور آزاد آهن، هندو ڀائرن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئين انهن کي حق ڏنو آهي، اهي آزاد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو