هفتو اڳ اغوا ٿيل پورهيت جي بازيابي لاءِ ڀُنگ طلب

ڪشمور (رپورٽر) سنڌ پنجاب دنگ وٽ ڪچي مان هفتو اڳ اغوا ٿيل پورهيت جي بازيابي لاءِ ڀُنگ طلب ڪيو ويو،سنڌ پنجاب دنگ وٽ ڪچي واري علائقي مان هفتو اڳ اغوا ٿيل پنجاب واسي پورهيت جي بازيابي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڀُنگ طلب ڪيو ويو آهي،ڌاڙيلن قلفيون کپائيندڙ پنجاب واسي اسلم پنجابي جي بازيابي لاءِ وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀُنگ گهري ورتو،مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن مغوي کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو آهي، هڪ ڪروڙ رپيا ڀُنگ گهري رهيا آهن، اسلم جي حياتي کي خطرو آهي، مغوي کي آزاد ڪرايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو