ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره ثانيه سعيد ڊرامن ۾ پاڪستان جي عورتن کي هر شعبي ۾ ملندڙ ترقي کي نه ڏيکارڻ تي انڊسٽري جي هدايتڪارن تي ڪاوڙجي پئي آهي. پاڪستان جي مشهور اداڪاره ثانيه سعيد هڪ شو دوران چيو ته اسان جي ڊرامه انڊسٽري معاشري جو اصل چهري کان بلڪل الڳ ٿيندي پئي وڃي اسان جي ڊراما انڊسٽري ۾ جيڪا ڊراما ٺهي رهيا آهن ان ۾ عورتن جو سڀ کان وڏو مسئلو انهن جي شادي جو معاملو ڏيکاريو پيو وڃي جيڪو بلڪل غلط آهي. ثانيه چيو ته اسان جون ڇوڪريون ۽ عورتون هر شعبي ۾ تمام گهڻو حصو وٺي رهيون آهن ۽ ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن ليڪن اهڙا مسئلا جن کي هو روزانو پنهنجي زندگيءَ ۾ فيس ڪري رهيون آهن ان جو ڊرامن ۾ ڪو به ذڪر نه پيو ڪيو وڃي. اداڪاره وڌيڪ چيو ته اسان جو عورتن کي صحت ۽ تعليم جي اڻ برابري سهولتن، ڪردار ڪشي ۽ ٻين سماجي برائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو هنن کي اظهار جي آزادي سميت پنهنجي پسند جو انتخاب ڪرڻ جي به اجازت ناهي ليڪن اهي سڀ اسان جي ڊرامن جي ڪهاڻين ۾ نه پيو ڏيکاريو وڃي سواءِ شادي واري مسئلي کان سواءِ ڪجهه به نه پيو ڏيکاريو وڃي.
