اسلام آباد(مانيٽرينگ ڊيسڪ) پي ٽي ايم جي ايم اين اي علي وزير چيو آهي ته عمران خان جي سياست جي انداز، پارليامينٽ ۾ سندس پارٽيءَ جي رويي ۽ اڳوڻي جرنيلي روڊ سواريءَ سان سخت اختلاف ڪيان رکندو آهيان، پر کيس سياست ۽ حڪمرانيءَ کان ٻاهر رکڻ بجاءِ عوام جي طاقت بدران عدالتن ذريعي هلڻ افسوسناڪ ۽ شرمناڪ عمل آهي.ايم اين اي محسن داوڙ چيو ته هڪ وزيراعظم کي اقامي تي سزا ڏني وئي ۽ هاڻي ٻئي کي ڪلائي واچ وڪڻڻ تي.هن چيوته سياستدان اهڙين معمولي ڳالهين تي بدنام ٿي ويندا آهن جڏهن ته جنرل غداري ڪري ڀڄي ويندا آهن.سندس وڌيڪ چوڻ هوته سياستدان استعمال ٿيندا رهندا آهن ۽ پوءِ عمران خان وانگر رد ڪيا ويندا آهن. اسان گول گول دائرن ۾ رهون ٿا.
