هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ اپيلن جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت 9 مئي سانحي ۾ ملوث هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 9 مئي سانحي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.محسن نقوي ملوث 171 شرپسندن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي جلد سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پنجاب جي نگران وڏي وزير چيو ته سمورن شرپسندن خلاف ڪيسن کي پروفيشنل انداز ۾ هلائڻ گهرجي، انساني جانين جي ذريعي فرار ٿيلن تائين پهچڻ گهرجي.محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، دهشتگردي جي اهڙن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو