ن ليگ کي 21 آڪٽوبر تي اقبال پارڪ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي ضلعي انتظاميا مسلم ليگ ن کي 21 آڪٽوبر تي گريٽر اقبال پارڪ ۾ جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي.ضلعي انتظاميا ن ليگ کان حلف نامو وٺڻ بعد ريلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.انتظاميا مسلم ليگ (ن) جي اجلاس جي حوالي سان شرطون به جاري ڪري ڇڏيون آهن.قاعدن ۽ ضابطن موجب جلسا انتظاميا پارڪس اينڊ هارٽي ڪلچر اٿارٽي کان الڳ اجازت وٺندي، ڪنهن به نقصان جي صورت ۾ پي ايڇ اي رقم گڏ ڪندي.انتظاميا جو چوڻ آهي ته جلسي جا منتظمين سڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جي حوالي سان لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو