نگران ڪابينا پنجاب پاران العزيزيه ريفرنس ۾ نواز جي سزا معطل

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران ڪابينا العزيزيه ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سزا معطل ڪري ڇڏي.پنجاب جي نگران ڪابينا سزا معطلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي تصديق صوبائي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير ڪئي آهي.نواز شريف طرفان سزا معطلي جي درخواست ڏني وئي هئي.عامر مير جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينا آئيني اختيار استعمال ڪندي سزا معطل ڪئي، ڪيس جو حتمي فيصلو عدالت ڪندي.نواز شريف جي سزا فوجداري ضابطه جي سيڪشن 401 تحت معطل ڪئي وئي. سيڪشن 401 تحت، حڪومت کي اختيار آهي ته ڪنهن به مجرم کي معافي ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو