نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت بغير نتيجي ختم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار ملاقات ڪئي، ترجمان وزيراعليٰ سنڌ ملاقات سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي،ٻنھي اڳواڻن سنڌ اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ تي هڪٻئي کي واڌايون ڏنيون، ٻنهي اڳواڻن اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنھي اڳواڻن سڀاڻي آچر ڏھاڙي ٻيهر ھڪ ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.ذريعن موجب ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ راڻا انصار ۽ مراد علي شاهه وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ نگران وڏي وزير لاءِ ڪنهن نالي تي غور نه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورت ۾ سنڌ جو وڏو وزير ناصر شاهه به شامل هو ۽ ان دوران ٻنهي طرفن کان اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پ پ قيادت سان مشاورت بعد نالا پيش ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو