ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران وڏي وزير جي اچڻ تائين هو عهدي تي رهندو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پارلياماني ڪميٽي کي به 3 ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو، جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي ۾ ڪو فيصلو نه ٿيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو. هن چيو ته 2013 ۽ 2018 ۾ ٻئي ڀيرا نگران وڏي وزير جو متفقه فيصلو ٿيو، سڄي ڪابينا جو شڪر گذار آهيان، 5 سال ڏاڍا ڏکيا هئا پر اسان صبر ڪيو.مراد علي شاهه چيو ته آگسٽ 2018ع ۾ حڪومت اچڻ جي ڪجهه مهينن اندر وفاقي حڪومت ۽ اپوزيشن غير جمهوري قدم کنيا، اپوزيشن سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪيو جو اسيمبلي ڪم نه ڪري سگهي.هن چيو ته ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته وڏي وزير کي تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي هجي، جيڪڏهن پنج ڇهه گندا انڊا اچن ته سڄو تلاءُ خراب ڪري ڇڏين.مراد علي شاهه چيو ته وڏي وزير کي خبر ئي نه هئي ته وزيراعظم اچي رهيو آهي، ان وقت جو وزيراعظم ڪجهه منٽن لاءِ ڪراچي ايندو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين سنڌ حڪومت ۽ سنڌ کي نااهل قرار ڏنو.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ماضي ۾ آيل ٻوڏ دوران وفاقي حڪومت طرفان مدد صفر هئي، خبر پئي ته سنڌ جو وڏو وزير گرفتار ٿيڻ وارو آهي.مراد علي شاهه چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف جو به شڪر گذار آهيان، جنهن سنڌ جو دورو ڪيو، هو جڏهن ايندو هو ته چوندو هو ته ٻوڏ جو پاڻي ڪيئن نڪرندو، ڪڻڪ بابت وزيراعظم چيو ته وڏو بحران ٿيندو. هن چيو ته ڪورونا ۾ ڊاڪٽرن جي راءِ جي بنياد تي قدم کنيا ويا ۽ ان دوران سخت تنقيد کي به منهن ڏيڻو پيو پر ڪورونا ۾ ڊاڪٽرن ۽ سنڌ جي عوام جي ڪوششن جو پاڪستان کي فائدو ٿيو.
