نگران وزيرن کي عهدن تان هٽائڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نگران وفاقي وزيرن کي عهدن تان هٽائڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ يا سياسي وابستگي جي حوالي سان نگران وفاقي وزيرن کي عهدن تان هٽائڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته دنيا ۾ نگران حڪومت نه هونديون آهن. هتي نگران حڪومت جي سوچ ان لاءِ آئي ته حڪومت اڻڌري هجي جيڪا نظر اچي. احد چيمه ۽ فواد حسن جي باري ۾ تاثر پيدا ٿيو آهي ته هي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي ويجهو آهن. ڇا اهو تاثر نه آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ درخواستگذار عزيزالدين ڪاڪا خيل ڪميشن کي ٻڌايو ته توقير شاهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. فواد حسن فواد ۽ احمد چيمه کي سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويو آهي انهن کي به هٽايو وڃي.اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته صلاحڪار لڳائڻ ته وزيراعظم جو استحقاق آهي اسان ڪيئن ٻڌائي سگهون ٿا. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪوبه ڪابينه جو ميمبر سياسي سرگرمي ڪري رهيو آهي يا ڪنهن پارٽي جي طرفداري ڪري رهيو آهي ته ڪميشن ايڪشن کڻندو آهي. ڇا اوهان کي ڪا اهڙي شيءَ ملي آهي ته هي ميمبر سياسي سرگرمي ۾ ملوث نه آهن. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن اهي ميمبر ڪابينه ۾ رهيا ته چونڊن تي اثر انداز ٿيندا.ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته سول سرونٽ جي ڪابه سياسي پارٽي نه هوندي آهي انهن جو ڪم آهي ته هر حڪومت کي سروس مهيا ڪن. اهم ڳالهه آهي ته هو سٺا ايڊمنسٽريٽر آهن يا نه؟ ڪميشن جي ميمبر چيو ته ڪيترين ئي جڳهين تي ته سياستدان صلاحڪار بڻجا. نگران وزيراعظم ڇو ايندو آهي؟ ان کي صلاحڪار جي ڪهڙي ضرورت؟ ان جو ڪم ته چونڊون ڪرائڻ آهي. پختونخواهه ڪابينه اسان جي چوڻ تي ٺاهي وئي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ته پوري ملڪ کي هلائيندو آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نگران وزيراعظم کي پوري حڪومت هلائڻي هوندي آهي هنن ٻنهي جي سياسي وابستگي نه آهي. اسٽيبلشمينٽ سموريون مقررريون اليڪشن ڪميشن جي مرضي موجب ڪيون. ڪميشن جي ميمبر چيو ته مناسب هجي ها ته ڪي ٻيا صلاحڪار اچي وڃن. جنهن کان پوءِ دليل مڪمل ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو