اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اپوزيشن ليڊر راجا رياض سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ کانئس پڇيو ويو ته نگران وزيراعظم لاءِ وزيراعظم سان ملاقات ناهي ٿي، ڇا ڪو ڊيڊ لاڪ آهي؟ ان تي هن چيو ته ڪنهن به قسم جو ڊيڊ لاڪ ناهي، اسيمبلي اڄ ٽوڙي ويندي، ٽن ڏينهن جو وقت آهي جنهن ۾ ميمبر وزيراعظم لاءِ صلاح مشورا ڪندا.مخالف ڌر جي اڳواڻ سوال ڪيو ته ٽن نالن تي اتفاق نه ٿيو ته ڇا نگران وزيراعظم جو نالو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو؟ هن چيو ته هو ڪوشش ڪندا ته وزيراعظم ۽ مان هڪ نالي تي متفق ٿي وڃون. نگران وزيراعظم جي نالي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون وينديون. اپوزيشن ليڊر کان سوال ڪيو ته ڇا نگران وزيراعظم لاءِ سياستدان يا بيوروڪريٽ بهتر هوندو؟ مخالف ڌر جي اڳواڻ جواب ڏنو ته ڪو بهتر نالو هوندو جنهن کي عوام ۽ ميڊيا ساراهيو هجي. وزيراعظم سان اڄ ملاقات جو امڪان آهي، وزيراعظم سان سڀاڻي ٻيهر ملاقات جو امڪان آهي.نگران وزيراعظم جو نالو ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ فائنل ڪيو ويندو…قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ سندس ساٿين جي مشوري سان 3 نالا فائنل ڪيا ويا آهن.نگران وزيراعظم جي مقرري تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سان ڪا به صلاح مشورا ناهي ڪئي، ساٿن جي مشوري سان 3 نالا فائنل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي مقرري تي اڄ وزيراعظم سان مشاورت ٿيندي جنهن ۾ هو پنهنجا نالا پيش ڪندو.
