اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاور سيڪٽر جي ريگوليٽر نيپرا پنهنجي جانچ رپورٽ م چيو آهي ته بجلي فراهم ڪندڙ سمورين ڪمپنين اپريل کان جون تائين جي ٽن مهينن ۾ لکين صارفين کي اضافي بل موڪليا آهن. جيڪا ڪنيومر مينوئل جي خلاف ورزي آهي. پاور ڊويزن جي سبسيڊري ڪمپني ’پاور انفرميشن ٽيڪنالوجي ڪمپني‘ جي تحقياتي رپورٽ م ڏنل ڊيٽا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي فرهام ڪندڙ ڪمپنين جي اهري عمل سبب لائيف لائين وارا صارف (50 يونٽ ماهوار) جو بل اڳئين سليب ۾ هليو ويو ۽ کين 3.95 روپيا في يونٽ ادائگي بدران کين ٻيڻ تي يعني 7.74 پيسا في يونٽ ادا ڪرڻو پيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاور مينوئل موجب 27 ڏينهن اندر فزيڪل ريڊنگ وٺني هوندي آهي پر ڪمپنين ڄاڻي واڻي فزيڪل ريدنگ بدران 30 ۽ 31 ڏينهن بعد اندازي تي ريڊنگ وٺي بل موڪليا جنهن سبب واڌو بل موڪليا ويا. رپورٽ موجب 100 يونٽ تائين ماهوار بل اڀريندڙ 51 کان 100 يونٽ ماهوار وارن صارفين کي 7.74 روپيا في يونٽ بدران 10.06 روپيا في يونٽ ادائگي ڪرڻ پئي. رپورٽ موجب ساڳئي طرح 200 يونت ماهوار وارن پروٽيڪٽيڊ صارفين کي به 10.06 روپيا في يونٽ بدران 27.14 روپيا في يونٽ بل ڀرڻو پيو. اهڙي طرح 201 کان 300 يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ صارفين کي 27.14 روپيا في يونٽ بدران 32.04 روپيا في يونٽ بل ڀرڻو پيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيپرا سڀني بجلي ڪمپنين کي چيو آهي ته گذريل ٽن مهينن ۾ وصول ڪيل واڌو بلن واري رقم اصل استعمال ٿيل يونٽن موجب ايڊجسٽ ڪئي وڃي ۽ جن صارفين بل نه ڀريا آهن انهن کان ليٽ في چارجز وصول نه ڪيا وڃن. نيپرا بجلي ڪمپنين کي اهو به حڪم ڏنو آهي ته خراب ميٽر فوري طور تي تبديل ڪيا وڃن ۽ هر بل تي ميٽر ريدنگ جي تاريخ واري تصوير لازمي شايع ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ کين ٿيندڙ لاسز جي ريڪوري واريون درخواستون نا منظور ڪيون وينديون.










