نيب وساڻ خلاف جاچ 2 مهينن ۾ مڪمل ڪري، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي هدايت ڪئي آهي ته منظور وساڻ خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي جاچ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪريو. عدالت منظور وسان جي ضمانت ۾ 12 فيبروري تائن واڌ ڪري ڇڏي. اهڙو فيصلو چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اڱاري تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنو. عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته منظور وساڻ پنهنجي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته منظور وساڻ خلاف غير قانوني اثاثن بابت انڪوائري هلندڙ آهي جنهن ۾ سندس گهرواري جي نالي تي خريد ڪيل زرعي زمين ۽ ٻين فردن جي ملڪيتن جا تفصيل اچي ويا آهن پر اڃا به وڌيڪ ملڪيتن ۽ بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل گهربل آهن جيڪي ملڻ بعد انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي جنهنڪري گذارش آهي ته  انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت نيب کي ٻن مهينن اندر منظور وساڻ خلاف شروع ڪيل  انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي منظور وساڻ جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾12 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي. حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ نئين سال ٽوئنٽي ٽوئنٽي کي تبديلي جو سال قرار ڏيندي چيو ته هونئن به  2020 خطرناڪ هوندو آهي. نئين سال ۾ تمام گهڻيون تبديليون اينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيئن سال ۾ گهڻا ماڻهون تبديل ٿيندا ڪي ايندا ڪي ويندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وساڻ چيو ته نواز شريف جي فوري واپسي ممڪن ناهي پر هو ڏيهه ضرور واپس ايندو ۽ 2020ع ۾ ئي واپس ايندو. هن چيو ته آصف علي زرداري جو ڪيس سنڌ جو آهي جنهن ڪري ان کي سنڌ منتقل ڪرڻ لازمي آهي پر اسان جلدي ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته زرداري جي طبيعت واقعي خراب آهي. هڪ کي رليف ڏنو ويو ته ٻين کي به ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو