نيب جي ڪاروائي، مڪيش چاولا 25 آگسٽ تي طلب

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار)قومي احتساب بيورو (نيب) گذريل سنڌ سرڪار جي سڀني کان سگھاري وزير مڪيش ڪمار چاولا، سندس فرنٽ مين ۽ گهر ڀاتين خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. نيب مڪيش ڪمار چاولا جي پرائيوٽ سيڪريٽري حسن علي شريف ۽ ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وحيد شيخ کي نوٽس جاري ڪندي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي. ٻنھي ڄڻن کي نيب پاران جاري ٿيل نوٽس ۾ چيو ويو آھي تہ نيب قانون جي شق 19 تحت مڪيش ڪمار چاولا ۽ سندس ڪٽنب، عامر اشرف عندري ۽ ڪٽنب، جيرام داس ۽ سندس ڪٽنب، عامر گل قريشي ۽ سندس ڪٽنب خلاف ڪرپشن، اختيارين جي ناجائز استعمال، دولت گڏ ڪرڻ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا جوڙڻ جي جاچ شروع ڪئي ويئي آھي تنھن ڪري انھن ڄاڻايل سمورن ماڻھن ۽ سندس ڪٽنب جي ھر ھڪ فرد جي منقولہ ۽ غير منقولہ اثاثن جي تفصيل سميت جاچ ڪميٽي آڏو 25 آگسٽ تي حاضر ٿين. نيب ان ڏس ۾ ڪمبائ.ين انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي آهي جنهن جو سربراهه ايڊيشنل ڊائريڪٽر هوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو