اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت نيب ترميمي ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي، ماهر ان جو جائزو وٺندا، اليڪشن ۾ رقم مختص ڪئي وئي آهي. بجيٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون. هن اها ڳالهه اڄ جمعي ڏينهن هتي نگران وفاقي وزير توانائي محمد علي ۽ نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. نيب ۾ ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي حوالي سان هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي، ان جي روشني ۾ ئي مستقبل جي ايڪشن پلان جو اعلان ڪيو ويندو. . هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجيٽ ۾ چونڊن لاءِ رقم مختص ڪئي وئي آهي، هن وقت تڪ بندين جو ڪم هلي رهيو آهي.
