ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي )مين بس اسٽاپ حيدرآباد روڊ تي مقامي هوٽل جي اندر فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا، قتل ٿي ويل هڪ 22 سالا نوجوان جي سڃاڻپ اڪرم زنئور طور ڪئي ويئي آهي ، جنهن ۾ 30 سالا نوجوان جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي ، لاشن کي مقامي هوٽل مان سرڪاري اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايو ويو آهي ، قتل واري واقعي جو ڪو به ڪارڻ ظاهر نه ڪيو ويو آهي ، اکين ڏٺن شاهدن موجب قتل ٿي ويل 2 نوجوانن مان 30 سالا نامعلوم نوجوان هوٽل ۾ داخل ٿي 22 سالا نوجوان اڪرم زنئور تي سڌا فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ پاڻ تي فائر ڪيو ۽ زخمي ٿي پيو ، زخمي نوجوان کي اسپتال نيو ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو ، قتل ٿي ويل نوجوانن جا لاش سرڪاري اسپتال ۾ موجود آهن ، ايس ايس پي عابد بلوچ جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪو به ڪارڻ اڃان تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي پوليس جانچ ڪري رهي آهي.










