نوجوان جي حياتي بچائڻ لاءِ جهولي مهم ۾ 40 لک جمع، مهم اڄ به جاري رهندي

خانپور مهر(رپورٽ حميد سيال) ڳوٺ علي مهر واسي نوجوان سنڌ يونيورسٽي جي پوزيشن حاصل ڪندڙ علي بخش عباسي جي علاج لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي سول سوسائٽي، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ عام شهرين پاران مجموعي طور تي شروع ڪيل جهولي مهم دوران 40  لک رپيا گڏ ڪري ورتا آهن، جنهن سان سندس حياتي بچڻ جو امڪان پياد ٿي ويو آهي. علي بخش عباسي آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل آهي جتي سندس علاج هلندڙ آهي ۽ ڊاڪٽرنسندس علاج جو خرچ 70 لک رپيا ٻڌايو آهي. اڄ به گهوٽڪي جي سول سوسائٽي، شهرين ۽ صحافين پاران مختلف شهرن ڳڙهي چاڪر، دادلغاري، گهوٽڪي، جروار، ميرپورماٿيلو، خانپورمهر۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ جهولي مهم جاري رهندي. گذريل ڏينهن سنڌ سرڪار پاران اعلانيل 40لک رپيا اڃا تائين نوجوان علي بخش عباسي جي وارثن کي ملي نه سگهيا آهن. ھوڏانھن نوجوان جي وارثن ولي محمد عباسي، عظيم عباسي، گهوٽڪي ضلعي جي عوام ۽ مهم هلائيندڙ دوستن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته اڄوڪي ماحول ۾ هنن هڪ بيوس نوجوان کي زندگي جي اميد ڏني آهي جنهن جو ٿورو مڃڻ لا۽ هي جنم ناڪافي آهي. ياد رهي ته اسڪولن جي ٻارڙن پنهنجي خرچي جي رقم پڻ امداد م ڏني آهي. جڏهن ته بازارن، آفيسن ۽ روڊ رستن تي جهولي مهم ۾ عام شهرين، واپارين، دڪاندارن ۽ سرندي وارن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو