نوجوان جو گوليون لڳ لاش ھٿ،وارثن جي ڳولاجاري

ٺٽو(ن س)ضلعي ٺٽي جي اھم شھر جھرڪ جيڪو مين نيشنل ھائي وي سان لڳي ٿو جي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ نامعلوم نوجوان جو گوليون لڳ لاش ھٿ آيو آھي جنھن جي وارثن جي ڳولا جاري اھي ٺٽي ضلعي جي جهرڪ ٿاڻي جي حد ۾ نئين ٻارڻ مين نيشنل ھائي وي لڳ هڪ نوجوان جنھن کي گولي لڳل ۽ ڄنگھ ڀڳل اھي جو لاش ھٿ آيو اھي ڳوٺاڻن پاران پوليس کي ڏنل ڄان کانپو ايس ايچ او جھرڪ انسپيڪٽر امير بخش کوسو پوليس پارٽي سان گڏ واقعي واري ھند پهچي لاش کڻائي رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ منتقل ڪرائي ڇڏيو ڳوٺاڻن موجب رات جو دير سان نامعلوم ماڻھو لاش نئين بارڻ ويجهو لوڻي ڪوٽ واري رستي کان ايندي ڦٽو ڪري ھليا ويا آھن ايس ايڇ او جھرڪ انسپيڪٽر امير بخش کوسو موجب هٿ آيل لاش ڪنھن نوجوان جو آھي جنهن جي هڪ ڄنگھ ڀڳل ۽ کيس هڪ گولي لڳل آھي پر سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي جنھن جي وارثن جي ڳولا جاري اھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو