نوجوان اسان جي مستقبل جا ضامن آهن: آصف زرداري

نوجوان اسان جي مستقبل جا ضامن آهن: آصف زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نوجوان اسان جي مستقبل جو ضامن آهن.نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف زرداري چيو ته هو پاڪستان جي سرگرم نوجوانن کي عالمي ڏينهن تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستاني نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اهو اسان جو فرض آهي ته کين پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جا موقعا فراهم ڪريون.آصف علي زرداري چيو ته نوجوانن جي توانائي، تخليقي صلاحيت ۽ آزادي اسان جي قوم جي ڪاميابي جو محرڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو