نواز ۽ مولانا ۾ رابطو ايندڙ لائحه عمل تي صلاح مشورو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف جو پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ سياسي حڪمت عملي ۽ پي ڊي ايم اتحاد جي ايندڙ لائحه عمل تي صلاح مشورو ڪيو ويو ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن چيو ته استعيفائن جي معاملي تي پيپلزپارٽي جي جواب جو انتظار آهي، پيپلزپارٽي اچي ٿي ته ٺيڪ آهي، نه ته 9 جماعتون لائحه عمل جوڙينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن پيپلزپارٽي جي جواب کانپوءِ پي ڊي ايم جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ لانگ مارچ ۽ استعيفائن متعلق لائحه عمل تي به مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ جيل ڀريو تحريڪ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو