نواز شريف سان جن ادارن ظلم ڪيو انهن کي سڀ سڃاڻين ٿا: شهباز

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته جن ادارن نواز شريف تي ظلم ڪيو انهن کي چڱي ريت خبر آهي پر فيصلو اهو ڪرڻو آهي ته نواز شريف واپس اچي بدلو وٺي يا ملڪ کي خوشحالي جي طرف وٺي وڃي. لاهور جي علائقي بيديان ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپس اچي رهيو آهي، انتقام وٺڻ نه پر نوجوانن، بزرگن، يتيمن ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ اچي پيو، شهباز شريف چيو ته نواز شريف ملڪي ترقي جو سفر ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ واپس اچي رهيو آهي، عوام 21 آڪٽوبر تي نواز شريف جو تاريخي استقبال ڪري.هن چيو ته نواز شريف نوجوانن، بزرگن، يتيمن ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ آيو آهي، پنهنجي دور ۾ اٽو 35 رپيا في ڪلو هو، هن تعليم جي ميدان ۾ انقلابي تبديليون ڪيون.شهباز شريف چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ تاريخي ڌانڌلي ٿي، نواز شريف کي اقتدار کان محروم نه ڪيو ويو، ترقي جي سفر کان محروم ڪيو ويو، سندس آجيان ڪري ثابت ڪرڻو پوندو ته نواز شريف سان ظلم ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو